عڪس شخص ۽ نقش

عڪس شخص ۽ نقش

عڪس شخص ۽ نقش

عڪس شخص ۽ نقش (ڪتاب): هي ڪتاب پرڏيهي ۽ ڏيهي اديبن جي خاڪن تي مشتمل آهي، جنهن کي نامور اديب ۽ مترجم يوسف سنڌيءَ سهيڙيو ۽ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا علي محمد پرويز، ذوالفقار ڪانڌڙي، رشيد آزاد، ڊاڪٽر خالق ميمڻ، سجاد ميمڻ، سورج سجاولي، اياز امر شيخ، عبدالڪريم سومري، مور ساگر ۽ نواز سومري کي ڪيل آهي. ڪتاب ترتيب جي لحاظ کان ٻن ڀاڱن پرڏيهي اديبن ۽ ڏيهي اديبن جي خاڪن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ سعادت حسن منٽو، فيض احمد فيض، قرت العين حيدر، جارج برنارڊشا ۽ ليون ٽراٽسڪي تي مختلف ليکڪن جا لکيل خاڪا آهن، جيڪي ترجمو ڪيل آهن. جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي اديبن تي خاڪا آهن، جيڪي سهيڙيل آهن. اهي ترتيب وار امر جليل بابت قمر شهباز، تنوير عباسي بابت طارق اشرف، شيخ اياز بابت نجم عباسي، شوڪت حسين شورو بابت عبدالقادر جوڻيجو، طارق اشرف بابت طارق قريشي، نسيم کرل بابت غلام نبي مغل، ڪامريڊ عطا محمد عرف بچل ڀنڀرو بابت محسن شاهه، شميم الحيدري بابت يوسف سنڌي، علي بابا بابت علي دوست عاجز، ماهتاب محبوب بابت ارم محبوب ۽ نصير مرزا بابت ماهتاب محبوب جا لکيل آهن. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل، ڊسٽ ڪور سان هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران 2013ع ۾ ڇپيو. 496 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 350 رپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو